Sign in
Sign in
Sign in
Select Language
058

Al-Mujadila 58:21 كتب الله لاغلبن انا ورسلي ان الله قوي عزيز ٢١

58:21
كَتَبَ
ٱللَّهُ
لَأَغۡلِبَنَّ
أَنَا۠
وَرُسُلِيٓۚ
إِنَّ
ٱللَّهَ
قَوِيٌّ
عَزِيزٞ
٢١
الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
Continue Reading

Read Tafsir

Ibn Kathir (Abridged)

The Opponents of Allah and His Messenger are the Losers

Allah and His Messenger shall prevail Allah the Exalted asserts that the rebellious and stubborn disbelievers who defy Him and His Messenger , those who do not embrace the religion and stay away from Truth, are in one area, while the guidance is

…

The Opponents of Allah and His Messenger are the Losers

Allah and His Messenger shall prevail Allah the Exalted asserts that the rebellious and stubbor

…
More Tafsirs

Read in Context

Chapter 58, Page 544, Juz 28

14. (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن. 15. اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. 16. پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي. 17. الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا. 18. جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن. 19. مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي. 20. بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن. 21. الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي. 22. (اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.

- Taj Mehmood Amroti

Notes and Reflections

You do not have any notes or reflections on this verse.

Notes placeholders

Stay Connected to the Quran ❤️

Short meaningful reminders to reset, reflect and stay connected to the Quran.

Read, Listen, Search, and Reflect on the Quran

Quran.com is a trusted platform used by millions worldwide to read, search, listen to, and reflect on the Quran in multiple languages. It provides translations, tafsir, recitations, word-by-word translation, and tools for deeper study, making the Quran accessible to everyone.

As a Sadaqah Jariyah, Quran.com is dedicated to helping people connect deeply with the Quran. Supported by Quran.Foundation, a 501(c)(3) non-profit organization, Quran.com continues to grow as a free and valuable resource for all, Alhamdulillah.

Navigate
Home
Quran Radio
Reciters
About Us
Developers
Product Updates
Feedback
Help
Donate
Our Projects
Quran.com
Quran For Android
Quran iOS
QuranReflect.com
Quran.AI
Sunnah.com
Nuqayah.com
Legacy.Quran.com
Corpus.Quran.com
Non-profit projects owned, managed, or sponsored by Quran.Foundation
Popular Links
Duas from the Quran
Quran Verse of the Day
Ayatul Kursi
Yaseen
Al Mulk
Ar-Rahman
Al Waqi'ah
Al Kahf
Al Muzzammil
SitemapPrivacyTerms and Conditions
© 2026 Quran.com. All Rights Reserved
Contribute