Sign in
Sign in
Sign in
Select Language
009

At-Tawbah 9:103 خذ من اموالهم صدقة تطهرهم وتزكيهم بها وصل عليهم ان صلاتك سكن لهم والله سميع عليم ١٠٣

9:103
خُذۡ
مِنۡ
أَمۡوَٰلِهِمۡ
صَدَقَةٗ
تُطَهِّرُهُمۡ
وَتُزَكِّيهِم
بِهَا
وَصَلِّ
عَلَيۡهِمۡۖ
إِنَّ
صَلَوٰتَكَ
سَكَنٞ
لَّهُمۡۗ
وَٱللَّهُ
سَمِيعٌ
عَلِيمٌ
١٠٣
سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
Continue Reading

Read Tafsir

Ibn Kathir (Abridged)

The Command to collect the Zakah and Its Benefits

Allah commanded His Messenger to take Sadaqah from the Muslims' money to purify and sanctify them with it. This Ayah is general, even though some said that it refers specifically to those who mixed good and evil deeds, who admitted to their errors. So

…

The Command to collect the Zakah and Its Benefits

Allah commanded His Messenger to take Sadaqah from the Muslims' money to purify and sanctify them wit

…
More Tafsirs

Read in Context

Chapter 9, Page 203, Juz 11

100. ۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندين تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي. 101. ۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (به) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (به)، ڪي منافقيءَ تي عادي ٿي ويا آھن، (تون) کين نه ڄاڻندو آھين، اسين انھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا. 102. ۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (انھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اميد آھي ته الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي. 103. سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. 104. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي. 105. ۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو. 106. ۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. 107. ۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن. 108. منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي. 109. ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي. 110. جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

- Taj Mehmood Amroti

Notes and Reflections

You do not have any notes or reflections on this verse.

Notes placeholders

Stay Connected to the Quran ❤️

Short meaningful reminders to reset, reflect and stay connected to the Quran.

Read, Listen, Search, and Reflect on the Quran

Quran.com is a trusted platform used by millions worldwide to read, search, listen to, and reflect on the Quran in multiple languages. It provides translations, tafsir, recitations, word-by-word translation, and tools for deeper study, making the Quran accessible to everyone.

As a Sadaqah Jariyah, Quran.com is dedicated to helping people connect deeply with the Quran. Supported by Quran.Foundation, a 501(c)(3) non-profit organization, Quran.com continues to grow as a free and valuable resource for all, Alhamdulillah.

Navigate
Home
Quran Radio
Reciters
About Us
Developers
Product Updates
Feedback
Help
Donate
Our Projects
Quran.com
Quran For Android
Quran iOS
QuranReflect.com
Quran.AI
Sunnah.com
Nuqayah.com
Legacy.Quran.com
Corpus.Quran.com
Non-profit projects owned, managed, or sponsored by Quran.Foundation
Popular Links
Duas from the Quran
Quran Verse of the Day
Ayatul Kursi
Yaseen
Al Mulk
Ar-Rahman
Al Waqi'ah
Al Kahf
Al Muzzammil
SitemapPrivacyTerms and Conditions
© 2026 Quran.com. All Rights Reserved
Contribute